اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پ??ڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين ??ي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دوران ساڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پ??رٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پ??ڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد م??ي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو.
متعلقہ مضامین
-
Gem Savior Conquest Entertainment سرکاری ویب سائٹ
-
At UN, Pakistan calls for countering extremists’ propaganda
-
Indian TV channels banned in AJK
-
Pakistan to support Kashmir till UN resolution implemented: Barjees
-
ایم جی کارڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Crash Game Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ
-
T1 الیکٹرانک آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل گائیڈ
-
لکی ڈریگن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
چائنا ریسورس گیمز کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
لکی کیٹ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ: تفریح کا بہترین ذریعہ
-
رائل کروز لائن ٹرسٹ بیٹنگ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
R88 الیکٹرانک انٹیگریٹی بیٹنگ ویب سائٹ: ایک جدید اور محفوظ تجربہ